ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي بابر اعظم ڪپتاني ڇڏڻ تي غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو.
پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اڳوڻي پي سي بي چيئرمين رميز راجا سميت پنهنجي ويجهن ساٿين سان ڳالهه ٻول ڪندي پنهنجي مستقبل بابت صلاح ۽ رهنمائي گهري ورتي.
ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ پريڪٽس کانپوءِ انگلينڊ خلاف ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران ڪپتاني بابت سوال جي جواب ۾ بابر اعظم اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ بورڊ جي رويي تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو هو.
ذريعن موجب، بابر اعظم جي ويجهن دوستن کيس ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جي صلاح ڏني آهي.
اڳوڻي پي سي بي چيئرمين رميز راجا نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ملاقات بابر سان ٿي آهي هو ڏاڍو مايوس لڳي رهيو ۽ مون کي ڏاڍو برو لڳو، سندس ڪپتاني بابت گفتگو ذاتي هئي ۽ مان اِها عام نه ٿو ڪرڻ چاهيان.
واضح رهي ته بابر اعظم جي قيادت ۾ پاڪستان ورلڊ ڪپ 2023ع جي سيمي فائنل کيڏڻ جون اميدون اٽڪل ختم ٿي ويون آهن، سندس ڪپتاني ۾ پاڪستان کي ڀارت، آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا ۽ افغانستان خلاف شڪستن جو منهن ڏسڻو پيو.
ياد رهي ته رميز راجا جي دور ۾ ئي سرفراز احمد کان ڪپتاني کسي بابر اعظم کي ڏني وئي هئي.
You might also like