برازيليا ( ويب ڊيسڪ) برازيل سان واسطو رکندڙ مشهور سوشل ميدڊيا انفلوئنسر ۽ ريئليٽي ٽي وي اسٽار لوانا اينڊريڊ جسم مان ڄرٻي گهٽائڻ جي سرجري دوران حياتي وڃائي ويٺي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 29 سالا لوانا اينڊريڊ پنهنجي جسم مان ڄرٻي گهٽائڻ لاءِ سائوپالو جي هڪ اسپتال ۾ لائپوسڪشن ڪرائڻ آئي هئي، سندس سجري اٽڪل اڍائي ڪلاڪن تائين جاري رهي.
سرجري دوران ئي ٽي وي اسٽار لوانا اينڊريڊ جي دل بند ٿي وئي جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن سجري اتي ئي روڪي ۽ دل جي علاج لاءِ کيس آءِ سي يو منتقل ڪيو.
آءِ سي يو منتقل ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن لوانا جي دل جو علاج شروع ڪيو پر سندن ڪوششون ڪم نه آيون ۽ ماڊل زندگي جي جنگ هارائي وئي.
لوانا هڪ مشهور سوشل ميڊيا شخصيت هئي جنهن جا انسٽاگرام تي لکين فالوورز هئا، هن پنهنجي بواءِ فرينڊ سان برازيل جي ريئليٽي شو ” پاور ڪپل “ جي ننڍڙي سيزن ۾ اميدوار طور شڪرت ڪئي هئي.
لائپو سڪشن ڇا آهي؟
لائپو جو مطلب ڄرٻي آهي جڏهن ته سڪشن جي معنيٰ ڪڍڻ آهي يعني آپريشن ذريعي جسم جي اضافي ڄرٻي ڪڍڻ واري عمل کي لائپو سڪشن جو نالو ڏنو ويو آهي.
الٽرا سائونڊ شعاعن ذريعي جسماني ڄرٻي پگهاري ڪڍڻ واري عمل کي الٽراسونِڪ لائپو سڪشن چيو ويندو آهي.