اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر مڪمل طور تي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عوامي زندگي بعد هن سياست کي مڪمل طور ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ایک دہائی سے زیادہ عوامی زندگی کے بعد، میں نے
سیاست کو مکمل طور پر چھوڑنے کا فیصلہ کیا ہے۔جیسا کہ میں پہلے بھی عوامی سطح پر کہہ چکا ہوں کہ
میں ریاستی اداروں کے ساتھ تصادم کی پالیسی سے متفق نہیں ہوں اور ایسی پالیسی ریاستی اداروں کے ساتھ شدید ٹکراؤ کا باعث بنی ہے جو کہ ملک کے…— Asad Umar (@Asad_Umar) November 11, 2023
هن چيو ته مون سياست کي مڪمل طور ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پهريان به چئي چڪو آهيان ته رياستي ادارن سان ٽڪراءَ واري پاليسي سان متفق نه آهيان ۽ اهڙي پاليسي رياستي ادارن سان سخت ٽڪراءَ جو سبب بڻي آهي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي بنيادي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي هو انهن سمورن ماڻهن جو ٿورائتو آهي جن عوامي زندگي ۾ سندس ساٿ ڏنو خاص طور تي اين اي 54 جي ٽيم ۽ ووٽرن جو ٿورا مڃڻ چاهي ٿو جن کيس ٻيهر چونڊيو.
اسد عمر چيو ته هو جنهن تڪ تان چونڊيو ان تڪ جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي الله پاڪ پاڪستان جي قوم تي پنهنجي رحمت نازل فرمائي.
ياد رهي ته اسد عمر کان اڳ فواد چوڌري ۽ صداقت عباسي سميت پي ٽي آءِ جا ڪيئي اڳوان سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن.