ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کدڙن فقيرن ڪراچي ۾ فيسٽيول ڪري پنهنجو آواز دنيا تائين پهچائيندي مطالبو ڪيو آهي ته سندن نسل ڪشي بند ڪري عام شهرين جيترا حق ڏنا وڃن، ان حوالي سان کدڙن فقيرن ڪامي سڊ، وڪيل نشا رائو، ڊاڪٽر سارا جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب چورنگي کان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان تائين مارچ ڪيو، جنهن بعد آرٽس ڪائونسل ۾ فيسٽيول ملهايو ويو، مارچ توڙي پريس ڪلب ۾ فيسٽيول دوران فقيرن مختلف ڌنن تي رقص ڪيو ۽ بينر کڻي تاڙيون وڃائي خوشيون ملهايون، ھٿن ۾ مختلف بينر به هئا جن تي تي لکيل هو ته اسان وزير به پاڻ فقير به پاڻ آهيون، فيسٽيول ۾ مختلف علائقن مان سوين کدڙن فقيرن شرڪت ڪئي، ان موقعي کدڙن فقيرن جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو به انسان آهن هن معاشري جو حصو آهن پر کين نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ سميت کين مختلف طريقن سان تنگ ڪيو وڃي ٿو، هنن چيو پوري ملڪ ۾ سندن ساٿين جي نسل ڪُشي ڪئي پئي وڃي پر سندن داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي، پوليس به کين مختلف طريقن سان تنگ ڪري پئسا ڦري وڃي ٿي، پنڻ تي ماڻهن کي اعتراض آهي. هنن چيو ته اسان کي دليل نه حق کپن، کدڙن فيسٽيول ۾ دنيا کان فلسطين تي اسرائيلي جارحيت بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.