باجوا بي اعتمادي واپس وٺڻ جو چيو، متحده، ن ليگ اتحاد سان اسان جو فائدو ٿيندو: بلاول

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ اتحاد جو فائدو پ پ کي ٿيندو، هاڻي ملڪ ۾ لاڏلا ٺاهڻ واري سياست جو خاتمو اچڻ گهرجي، باجوا بي اعتمادي رٿ واپس وٺڻ لاءِ چيو. ارڙهين ترميم سان جمهوريت جي تڏا ويڙهه جا در بند ڪري ڇڏيا آهن، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي ۾ سفاري پارڪ جي دوري دوران  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي ڪراچي جو ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه، سعيد غني، شهلا رضا به سانڻس گڏ هئا. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر عمران خان جي دور ۾ جيل ۾ ويا، مٿن ڪيس ٺاهيندڙ هاڻي نواز ليگ ۾ آهي. هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ کان ٻه ڏينهن اڳ اسان کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ بي اعتمادي رٿ واپس وٺڻ جو چيو. هن چيو جيڪي ماڻهو باغي هوندا آهن تن کي چونڊن دوران قيمت چڪائڻي پوندي آهي، هڪ مخصوص پارٽي جو اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو 2008ع ۾ ٿيو هو. پ پ چيئرمين چيو ته هر اليڪشن ۾ ڪنگز پارٽيز ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ واپس اچي وينديون آهن. بلاول چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ جي اتحاد جو فائدو پ پ کي ٿيندو، مولانا فضل الرحمان سان گڏ به چونڊ وڙهي سگهون ٿا ۽ ڌار به. هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي چونڊن جيان عام چونڊن ۾ به پ پ کٽيندي، اٺ فيبروري تي عوامي ووٽ صرف پ پ کي ملندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهباز شريف کي وزيراعظم ڪرائڻ ۾ اسان وڏي محنت ڪئي، اها وقت جي ضرورت هئي ۽ وقت جي ضرورت لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي. هن چيو ته ڪنگز پارٽي ٺاهڻ سان عوا، سياسي حلقن ۽ دنيا ۾ غلط تاثر ويندو آهي، پارٽي سان بي وفائي ڪندڙن کي چونڊن ۾ قيمت ادا ڪرني پوندي آهي، پي ٽي آءِ پهرين آئين ۽ جمهوريت تي يقين نه رکندي هئي، هاڻي خيال آيو اٿن ته آئين ۽ جمهوريت به ڪا شئي آهي. بلاول چيو ته پي ٽي آءِ سکيا جي مرحلي ۾ آهي، کين گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانين بابت پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف ڪليئر آهي، افغانين سميت ٻين غير قانوني پرڏيهين کي عزت سان واپس موڪليو وڃي، پر انساني حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.