واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اسرائيل اتر غزا مان فلسطينين کي نڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ روز 4 ڪلاڪ جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس چيو آهي ته اسرائيل اتر غزا جي علائقن ۾ حماس جي خلاف پنهنجي فوجي آپريسن ۾ 4 ڪلاڪ وقفي تي عمل درآمد شروع ڪندو. وقفي دوران انهن علائقن ۾ ڪا به فوجي ڪارروائي نه ٿيندي. اسرائيل گھٽ ۾ گھٽ 3 ڪلاڪ اڳ وقفي جو اعلان ڪندو.
آمريڪي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته اهو وقفو صحيت رخ ڏانهن هڪ قدم آهي جنهن سان غزا ۾ انساني امداد جي فراهمي ۽ شهرين کي فعال ويڙهه کان پري محفوظ علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ۾ مدد ملندي.
گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس جو چوڻ هو ته هيل تائين گڏيل طور تي 72،000ماڻهو اتر غزا مان لڏ پلاڻ ڪري چڪا آهن.