ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خط لکيو آهي. خط ۾ وڏي وزير ايف بي آر طرفان ورڪرز ويلفيئر اينڊ ورڪرز پارٽي سپشن فنڊ جي غير قانوني اوڳاڙي جو معاملو اٿاريو آهي ۽ چيو آهي ته 18 هين ترميم بعد ورڪرز ويلفيئر اينڊ ورڪرز پارٽي سپشن فنڊ صوبائي معاملو ٿي ويو آهي.
وڏي وزير جو خط ۾ چوڻ هو ته 18 هين ترميم کان پوءِ ايف بي آر لاڳيتو سنڌ مان اوڳاڙيون ڪندو پيو اچي. هن وقت ايف بي آر غير آئيني طور تي اربين رپيا اوڳاڙي چڪو آهي.
وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته هو وفاقي ناڻي واري وزارت کي هدايت ڏئي ته سنڌ مان اوڳاڙيل 22 ارب رپيا سنڌ کي واپس ڪيا وڃن.
You might also like