اسرائيل غزا تي حملا تيز ڪري ڇڏيا، ڪيمپن، اسپتالن ۽ مسجدن تي به بمباري

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج طرفان غزا تي حملا تيز ڪيا ويا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسپتالن جي ڀرپاسي ۾ بمباري سان گڏوگڏ جباليا، نصيرات ۽ شاطئي ڪيمپن ۾ رهائشي عمارتن کي به نشانو بڻايو ويو جڏهن ته اسرائيلي فوج جي حملن سبب عبادت گاهون ۽ مسجدون به محفوظ نه رهي سگھيون.
غزا ۾ اسرائيلي جهازن حياتي بچائيندڙ طبي سامان جي قافلي تي به حملو ڪيو ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي بمباري سبب 2 مسجدون شهيد ٿي ويون.
گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسرائيلي جارحيت جو نشانو بڻجي 300 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري سبب شهيد فلسطينين جو انگ 10 هزار 569 کان وڌي ويو.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب هيل تائين اسرائيلي بمباري سبب شهيد ٿيلن ۾ 4 هزار 324 ٻارڙا، 2 هزار 823 عورتون ۽ 649 پيرسن ماڻهو شامل آهن.
ٻي پاسي غزا پٽي جون اڌ کان وڌيڪ اسپتالون استعمال جوڳيون ناهن رهيون جڏهن ته القدس اسپتال ۾ ٻارڻ ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي.
هوڏانهن غزا سٽي ۾ القسام برگيڊز طرفان به اسرائيلي فوج تي حملن جو سلسلو جاري آهي، ميزائيلن سان اسرائيلي فوج جون 10 کان وڌيڪ گاڏيون ۽ 4 فوجي ٽينڪ تباهه ڪيا ويا.
حماس موجب غزا جي ڏکڻ ۾ اسرائيلي فوجين جي قافلي کي گائيڊڊ ميزائيلن سان نشانو بڻايو ويو.
واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان جاري ان جنگ سبب غزا جا 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گھر ٿي چڪا آهن.
فلسطيني صحت واري وزارت جي ترجمان موجب 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري ۾ 193 طبي ورڪرز شهيد جڏهن ته 45 ايمبولينسن کي نقصان پهتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.