افغانستان خلاف تاريخي اننگز، ٽنڊولڪر ۽ ڪوهلي به ميڪسويل جي ڳڻ ڳائڻ لڳا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ست آڪٽوبر تي ڀارتي شهر ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع جي يادگار ميچ کيڏي وئي جنهن ۾ آسٽريليا افغانستان کان يقيني فتح کسي ورتي.
آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل افغانستان جي ڪاميابي جا خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا.
128 بالن 201 ناٽ آئوٽ رنسون ٺاهيندڙ ميڪسويل پنهنجي اننگز ۾ ڏهه ڇڪا ۽ 21 چوڪا هنيا، سندس عظيم الشان اننگز سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
ميڪسويل جي اننگز تي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ لٽل ماسٽر سچن ٽنڊولڪر ۽ ويرات ڪوهلي به گلين ميڪسويل جي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهيا.
ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي سوشل ميڊيا تي گلين ميڪسويل جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي سڀ غيرمعمولي هيو پر اِهو اوهان ئي ڪري سگهو پيا.


سچن ٽنڊولڪر به گلين ميڪسويل جي واکائڻ ڪندي لکيو ته ميڪسويل سخت دٻاءُ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي اننگز ناهي ڏٺي.


ٽنڊولڪر ابراهيم زادران جي شاندار اننگز افغانستان کي سٺي پوزيشن ۾ آندو، ٻئي اننگز جي شروعات به سٺي هئي ۽ افغانستان ستر اوورز تائين سٺي ڪرڪيٽ کيڏي پر ميڪسويل آخري 25 اوورن ۾ قسمت جو لکيو تبديل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.