سپريم ڪورٽ فيض حميد خلاف درخواست اڪلائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف زمين تي قبضي جي حوالي سان داخل درخواست اڪلائي ڇڏي.
عدالت درخواست اڪلائيندي چيو ته درخواستگذار وٽ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل فورم موجود آهن، عدالت ڪيس جي ميرٽس تي ڳالهائڻ بنا درخواستون اڪلائي ٿي.
سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي دور ۾ انساني حقن جي ڪيسن جي ٿيندڙ ان چيمبر ٻڌڻي کي به غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف زمين تي قبضي جي الزام ۾ هيومن رائٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران معيز احمد نالي درخواستگذار عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف ڏنو ته 2017 ۾ فيض حميد جي حڪم تي سندس گهر ۽ آفيس تي ريڊ ڪيو ويو ۽ ان غير قانوني ڪارروائي جو مقصد هائوسنگ پراجيڪٽ جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ هو.
درخواستگذار اپيل ڪئي ته فيض حميد خلاف شاهديون پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، چيف جسٽس قاضي فائزي عيسيٰ درخواستگذار سان مڪالمو ڪيو ته توهان پنهنجي درخواست ۾ سنگين الزام هنيا آهن، ڪيس ۾ پاڻ پيش ٿيندئو يا وڪيل ذريعي پيروي ڪندئو؟
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار حڪومت ۽ ڪجهه شخصيتن تي الزام هنيا آهن، ڇا اهو 184 ٽي جو ڪيس ٺهي ٿو؟ جڏهن ته جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هيومن رائٽس سيل ۽ سپريم ڪورٽ ۾ فرق کي سمجهو، هيومن رائٽس سيل جو ڪو قانوني اختيار آهي نه ئي حيثيت آهي، سيل ناانصافي جو وڏو ذريعو آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪو به چيف جسٽس اهڙي ڪا ڪارروائي نٿو ڪري سگهي، جيڪا عدالتي نوعيت جي نه هجي، بدقسمتي سان 2010 کان سپريم ڪورٽ جي نالي ايڇ آر سيل خط لکي رهيو آهي.
پوءِ سپريم ڪورٽ درخواست اڪلائي ڇڏي، عدالت عظميٰ چيو ته درخواستگذار وٽ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل فورم موجود آهن.
عدالت عظميٰ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي دور ۾ انساني حقن جي ڪيسن جي ٿيندڙ ان چيمبر ٻڌڻي کي به غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان چيمبر ڪو به ڪيس رڳو ٻڌڻي لاءِ فڪس ڪري سگهجي ٿو، چيف جسٽس ان چيمبر ڪنهن ڪيس جو ڪو حڪم نامو جاري نٿو ڪري سگهي.
عدالت درخواستگذار کي ٻين فورمز سان رابطي جي هدايت ڪندي چيو ته رٽائرڊ آرمي آفيسر خلاف بچاءَ واري وزارت ۾ وڃڻ جو آپشن موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.