6 مهينن کان شاپنگ مال ۾ لڪي رهندڙ شهري گرفتار

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ سيڪيورٽي گارڊن تازو ئي هڪ شاپنگ مال جي ڏاڪڻين هيٺان اڌ سال کان لڪي رهندڙ نوجوان کي پڪڙي ورتو.
شاپنگ مالز مصروف هنڌن مان هوندا آهن ان ڪري هر شڪي نظر ايندڙ فرد تي نظر رکڻ سيڪيورٽي گارڊن لاءِ گھڻو ضروري هوندو آهي پر چين ۾ اهڙو واقعو پيش آيو جتي تقريبن اڌ سال تائين هڪ شخص لاڳيتو شاپنگ مال جي ڏاڪڻين جي هيٺان سيڪيورٽي گارڊن جي نظرن کان بچي رهي رهيو هو.

[فائل-فوٹو]
ميڊيا جي رپورٽن موجب ڄاڻال واقعو چين جي شهر شنگهائي ۾ پيش آيو جتي هڪ شاپنگ مال ۾ نوجوان مبينا طور تي 6 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان ڏاڪڻين جي هيٺان رهي رهيو هو.
اڻڄاتل نوجوان عمارت ۾ هڪ ويران ڏاڪڻ جي هيٺان سمهڻ لاءِ هڪ خيمو لڳائي ڇڏيو هو جنهن هڪ ننڍي ميز ۽ آفيس جي ڪرسي جو به انتظام هو، شهري پنهنجي لاءِ ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون به رکي هئي جن کي هو شاپنگ مال جي بجلي مان چارج ڪندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.