مشهور ڪمپني ”نانگ پيزا“ متعارف ڪرائي ڇڏيو

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) اوهان مختلف فليورز جا پيزا ته کاڌا هوندا پر اڄ اسان اوهان کي اهڙي فليور بابت ٻڌائينداسين جنهن کي ڄاڻي اوهان حيران ٿي ويندا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي مشهور پيزا ڪمپني هانگ ڪانگ جي قديم ريسٽورينٽ سان گڏجي روايتي ڊش کي نئون رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ان نئين فليور جي پيزا ۾ نانگ جي گوشت سان گڏ ڪاري مشروم ۽ سور جي گوشت کي به شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ مخصوص قسم جا ساسز به استعمال ڪيا ويا آهن..

Hong Kong's Pizza Hut is partnering up with a local century-old restaurant to introduce a new snake-soup pizza.
ميڊيا رپورٽس موجب نانگ جي گوشت کي هانگ ڪانگ ۾ گھڻي شوق سان کاڌو ويندو آهي ۽ خاص طور تي سياري جي موسم ۾ ان جي گھرج وڌي ويندي آهي.
هانگ ڪانگ جي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته نانگ جي گوشت ۾ گھڻيون خاصيتون لڪيل هجن ٿيون جيڪي اسان جي کَلَ کي بهتر ڪرڻ ۽ سياري ۾ جسم کي گرم رکڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون آهن.
هانگ ڪانگ کانسواءِ ويتنام ۽ ٿائيلينڊ سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ به نانگ جي گوشت جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.