واٽس ايپ ۾ نئين فيچر جو اضافو، واهپيدارن کي بلڪل پسند نه ايندو

دنيا جو مشهور ترين واٽس ايپ پليٽ فارم واٽس ايپ هاڻي وڌيڪ عرصو اشتهارن کان پاڪ نه رهي سگھندو.
ڪمپني طرفان اشارو ڏنو ويو آهي ته جلد واٽس ايپ ۾ اشتهارن جو اضافو ٿي سگھي ٿو.
واٽس ايپ جي سربراهه ول ڪيٿڪارٽ هڪ انٽرويو دوران اها ڳالهه ٻڌائي.
هن چيو ته واٽس ايپ جي مختلف حصن ۾ اشتهار شامل ڪري سگھجن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته اسٽيٽس ۽ چينلز جهڙن فيچرز ۾ اشتهار نظر اچي سگھن ٿا، پر هن اهو واضح نه ڪيو ائين ڪيستائين ممڪن ٿيندو.
هن اهو چيو ته ان باڪس يا ميسيجنگ فيچرز ۾ اشتهارن کي شامل نه ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته چينلز هلائيندڙن کان ماهوار فيس وٺي سگھون ٿا ۽ پنهنجن جي اندر اشتهار به ڏئي سگھن ٿا.
واضح رهي ته واٽس ايپ ۾ ڪيترن ئي سالن کان اشتهارن کي شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.