هاڻي سم کانسواءِ به واٽس ايپ هلائي سگھبو!

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ واهپيدار جي سهولت کي نظر ۾ رکندي خاص سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جلد واٽس واهپيدارن کي فون نمبر کانسواءِ اڪائونٽ لاگ ان ڪرڻ جي اجازت ملي ويندي.
هن وقت اسان ايس ايم ايس ذريعي OTP جو ميسيج اچڻ بعد پنهنجو واٽس ايپ اڪائونٽ ڪنيڪٽ ڪري سگھون ٿا پر جيڪڏهن فون نمبر فعال نه هجي يا فون چوري ٿي وڃي ته ڇا ٿيندو؟
واٽس ايپ جي ايس ايم ايس جي تصديق محفوظ طريقيڪار آهي جيڪو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته ته به OTP کانسواءِ اڪائونٽ لاگ ان نٿو ڪري سگھي.
پر هاڻي واٽس ايپ ان مسئلي جي حل تي ڪم ڪري رهيو آهي. رپورٽ موجب ڪمپني هڪ اي ميل تصديق جي خاصيت جي جاچ ڪري رهيو آهي جيڪا واهپيدارن کي پنهنجي فون نمبر کانسواءِ اي ميل جو استعمال ڪندي پنهنجي اڪائونٽ لاگ ان ڪرڻ جي اجازت ڏيندو.
اهو نئون فيچر موجودا تصديقي عمل ۾ اضافو هوندو ۽ ايس ايم ايس جي تصديق جي جاءِ نه والاريندو. اهو متبادل طريقيڪار تي ڪم ڪندو ته جيئن واهپيدارن کي اڪائونٽ ۾ لاگ ان ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي، جيڪڏهن اهي ايس ايم ايس ذريعي 6 نمبرن جو OTP وصول نٿا ڪري سگھن.
واٽس ايپ جو ”اي ميل تصديق“ فيچر في الحال اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس جي بيٽا ورجن ۾ دستياب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.