غزا ۾ اسرائيل جون وحشياڻيون ڪارروايون جاري، شهيدن جو انگ ساڍا 10 هزار کان وڌي ويو

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ 33 ڏينهن کان جاري اسرائيل جي وحشياڻين ڪاررواين دوران شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ ساڍا 10 کان وڌي ويو آهي.
فلسطين جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي جارحيت سبب وڌيڪ 214 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين شهيد ٿيلن جو انگ 10 هزار 569 ٿي ويو آهي.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو يوو ته شهيدن ۾ 4324ٻار،2823عورتون ۽ 649 پيرسن ماڻهو شامل آهن.
ان عرصي ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 26 هزار 475 فلسطيني زخمي ٿيا.
واضح رهي ته 33 ڏينهن کان جاري ان جنگ سبب غزا جا 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گھر به ٿي چڪا آهن.
فلسيني صحت واري وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري ۾ 193 طبي ورڪرز شهيد جڏهن ته 45 ايمبولينسن کي نقصان پهتو آهي.
ٻي پاسي ڊفينس فار چلڊرين انٽرنيشنل فلسطين نالي اين جي او ٻڌايو ته 1967ع کان 7 آڪٽوبر 2023ع کان اڳ اولهه ڪناري ۽ غزا ۾ اسرائيل هٿان جيترا ٻار شهيد ٿيا، ان کان ٻيڻ تي وڌيڪ ٻار هڪ مهيني دوران شهيد ٿي چڪا آهن.
اين جي او موجب 1350 ٻار اڃا به عمارتن جي مبلي هيٺ موجود آهن ۽ انههن مان گھڻا امڪاني طور تي شهيد ٿي ڇڪا آهن.
هڪ ڪاٿي موجب اسرائيلي جارحيت سبب روز 100 کان وڌيڪ فلسطيني ٻار شهيد ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.