بابر جي بادشاهي ختم، شُڀمَن گِل نمبر ون بيٽر بڻجي ويو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ون ڊي جي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب پاڪستاني ڪپتان بابراعظم پنهنجي پهرين پوزيشن وڃائي ويٺو آهي.

آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ موجب، بابر اعظم ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي ڀارتي اوپنر شُڀمَن گِل نمبر ون پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.

شُڀمَن گِل جون 830 رينڪنگ پوائنٽس ٿي ويون آهن جڏهن ته بابر اعظم 824 رينڪنگ پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.

بابر اعظم اٽڪل اڍائي ورهين تائين نمبر ون بيٽر رهيو، هاڻ ون ڊي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ جي ٽين، ڀارت جي ويرات ڪوهلي ءَ جي چوٿين ۽ آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر جي ڇهين پوزيشن آهي.

ان کانسواءِ پاڪستان جي فخر زمان هفتيوار رينڪنگ ۾ يارنهين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته افغانستان جي ابراهيم زدران ست درجا ترقي ماڻيندي 12 پوزيشن حاصل ورتي آهي.

آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي به نمبر ون پوزيشن وڃائي ويٺو آهي، پورو هڪ هفتو ان پوزيشن تي رهيو.

هاڻ ڀارت جي محمد سراج 709 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو ڪيشو مهاراج 694 پوائنٽس سان ٻئي، آسٽريليا جو ايڊم زمپا 662 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي.

ڀارت جي ڪلديپ ياديو جي 661 پوائنٽس سان چوٿين ۽ پاڪستان جي شاهين آفريديءَ جي 658 پوائنٽس سان پنجين پوزيشن آهي.

آءِ سي سي ون ڊي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن پهرين، افغانستان جو محمد نبي ٻئي ۽ زمبابوي جو سڪندر رضا ٽئين نمبر تي موجود آهن.

انکانسواءِ افغانستان جي راشد خان جو  آل رائونڊرز جي فهرست ۾ چوٿون نمبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.