سائفر ڪيس: عمران خان فرد جرم واري ڪارروائي کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ طرفان فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين وڪيل حامد خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ سائفر ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جي فرم جرم جي ڪارروائي کي چئلينج ڪيو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواست گذار کي مخالفن طرفان سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ سياسي انتقام جو دائرو درخواست گذار جي سياسي جماعت ۽ اتحادين تائين وڌايو ويو آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ درخواست گذار کي نشانو بڻائڻ بابت عدالت کي آگاهه ڪرڻ ضروري آهي، درخواست گذار خلاف اٽڪل ٻه سئو هنڌن تي ڪيس ٺاهيا ويا آهن، رياستي مشينري جعلي ڪيسن ٺاهڻ لاءِ اعتراض جوڳي مقصد تحت استعمال ڪئي پئي وڃي، درخواست گذار جي معاملي تي ايف آءِ اي ۾ آزادي ۽ انصاف پسندي جي کوٽ نظر اچي ٿي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته درخواست گذار خلاف پورو ٽرائل غيرقانوني آهي تنهنڪري عدالت اسپيشل ڪورٽ جو فرد جرم وارو 23 آڪٽوبر جو حڪمنامو آئين ۽ قانون خلاف قرار ڏئي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 26 آڪٽوبر وارو حڪمنامو پڻ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي تي سائفر ڪيس ۾ فردِ جرم لاڳو ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.