ٻليون ڇا ٿيون چوڻ چاهين؟سائنسدانن پتو لڳائي ورتو

نئين تحقيق موجب ٻليون پنهنجي ڳالهه پهچائڻ لاءِ چهري جي 300 مختلف تاثرن کان ڪم وٺنديون آهن جنهن جو مطلب اهو آهي ته ٻليون حيران ڪندڙ سماجي گھرائي جون مالڪ هونديون آهن ۽ ايتريون لاتعلق ناهن هونديون.
آمريڪي يونيورسٽي آف ڪنساس ميڊيڪل سينٽر جي محققن جو چوڻ آهي ته هيل تائين انسانن،ڪتن ۽ ڀولن سميت مختلف جانورن جي چهري جي تاثرن جو وڏي پيماني تي مطالعو ڪيو ويو پر ٻلين واتان نڪرندڙ ميائون ميائون جي آوازن تي تمام گھٽ تحقيق ٿي آهي.
نئين تحقيق ۾ محققن لاس اينجلس ۾ پالتو جانورن جي ڪيفي ۾ 53 بالغ گھريلو ٻلين وچ ۾ رابطي جو مشاهدو ڪيو ۽ ٻلين جي چهري جي تاثرن کي رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪيليفورنيا جي ريسڪيو تنظيم ڪيف ڪيفي لائونج هڪ فلور تي ٻڌل کُليل جاءِ آهي جتي ماڻهو انهن گروپن تي ٻڌل ٻلين سان کيڏي سگھن ٿا جيڪي پالڻ لاءِ دستياب هجن ٿيون.
تازو ئي بيهيورل پروسيسز نالي رسالي ۾ ڇپيل ان تحقيق ۾ ٻلين وچ ۾ رابطي جي 186 واقعن تي ٻڌل 194 منٽن جا وڊيو فوٽيجز گڏ ڪيا ويا.
سائنسدانن ٻلين جي چهري جي پٺن جي 26 حرڪتن کي دريافت ڪيو جن کليل چپ، اک جي پُتلي پکڙجڻ يا سسڻ، اکيون ڇنڀڻ، نڪ چٽڻ ۽ ٻيون حرڪتون شامل آهن. ٻلين انهن حرڪتن کي 276 مختلف تاثرن کي استعمال ڪيو.
سائنسدانن تحقيق ۾ لکيو ته اسان ٻلين جي چهري جي پٺن جي 26 مختلف حرڪتن جو مشاهدو ڪيو جن کي 276 مختلف تاثرن ۾ استعمال ڪيو ويو.
ٻلي جي چهرن راند جي ارادي کان وٺي جارحاڻي ۽ وچولي سميت سموري موڊ تائين سڀ ڪجهه ٻڌايو.
مطالعي ۾ شامل ٻلين جي گھڻائي يا ته واضح طور تي دوستاڻي (45 سيڪڙو) يا جارحاڻي (37 سيڪڙو) هئي. تقريبن 18 سيڪڙو جا تاثر غير واضح هئا ۽ ٻنهي زمرن ۾ اچن پيا.
جيتوڻيڪ اهو واضح ناهي ته ٻليون انهن تاثرن سان هڪ ٻئي کي ڇا چئي رهيون هيون پر سائنسدانن کي انهن جي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪجهه گڏيل انداز مليا.
مثال طور محققن چيو ته ٻليون دوستاڻي ڳالهه ٻولهه دوران پنهنجن ڪنن ۽ مڇن کي ٻين ٻلين ڏانهن ڪري ڇڏينديون آهن ۽ غير دوستاڻي ڳالهه ٻولهه دوران انهن کي پري ڪري ڇڏينديون آهن.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انهن مان ڪجهه تاثر، جن ۾ ڪجهه نطز ۽ مُرڪ به شامل آهن، اهي تاثر رڳو ٻلين وچ ۾ ڳالهه ٻولهه لاءِ نه هئا پر ٻلين جي انسانن سان 10 هزار سالن تي ٻڌل گڏيل ارتقا جو نتيجو هئا.
محققن مطالعي ۾ لکيو ته اسان جي نتيجن مان خبر پوي ٿي ته ٻلين ۾ چهري تي اشارو ڪرڻ جي صلاحيت جي واڌ ويجهه تي امڪاني طور تي پالتون جانورن جي طور تي رهڻ جو نمايان اثر پيو.
تازي تحقيق مان اها به خبر پئي ته ٻليون معاشري کان پري رهندڙ مخلوق ناهن جيئن گھڻو ڪري انهن بابت سمجهيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.