محبت سڀني شڪلين ۽ عمرن ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ ان جو تازو مثال هڪ شادي ۾ سامهون آيو.
هڪ 18 سالن جي نوجوان 35 سالن جي عورت سان شادي ڪري ڇڏي آهي جنهن جون وڊيوز وائرل ٿيون آهن.
18 سالن جو شهزاد ڪومل سان پيار ڪري ٿو ۽ اها سندس پري جي مائٽياڻي به آهي.
شهزاد کي ان وقت ڪومل سان پيار ٿي ويو هو جڏهن هو اسڪول پڙهندو هو پر سندن ڪٽنب ۾ مسئلا هئا جنهن سبب هو خاموش رهيو پر بعد ۾ شادي۾ ڪامياب ٿي ويو.
هو ٻئي هڪ ٻئي سان پيار ڪندا هئا ۽ هاڻي شادي بعد گڏ رهن ٿا.