ٻاهرين فنانسنگ: پاڪستان کي وري دوست ملڪ ياد اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻاهريون فنانسنگ گيپ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر دوست ملڪن سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب پاڪستان 6.5 ارب ڊالرن جي وڏي ٻاهرئين فنانسنگ گيپ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب نگران حڪومت سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سميت ٻين دوستن ملڪن سان وري رابطي جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلامي ترقياتي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ عالمي بئنڪ کان به مدد ورتي ويندي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ذريعي مالي گيپ گهٽجڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب سالياني 6 ارب ڊالر هدف جي ڀيٽ ۾ 3 مهينن ۾ خسارو 94 ڪروڙ 70 لک ڊالر رهيو ۽ نگران حڪومت کي اندازو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 6 ارب ڊالرن مان گهٽجي ساڍا 4 ارب ڊالر رهندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان ايڪسٽرنل فنانسنگ جو پلان شيئر ڪيو آهي ۽ آءِ ايم ايف ٻاهرئين فنانسنگ گيپ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ نجڪاري تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف صلاح ڏني آهي ته حڪومت عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ بانڊ جاري ڪرڻ جي آپشن تي به غور ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.