خوشخبري، سعودي عرب جو پاڪستاني شاگردن لاءِ اسڪالرشپس جو اعلان

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستاني شاگردن لاءِ 700 مڪمل فنڊڊ تعليمي وظيفن جو اعلان ڪيو آهي، جن سان اهي سعودي عرب جي 25 اعليٰ يونيورسٽيز ۾ تعليم حاصل ڪري سگھندا.
رپورٽ موجب رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني هڪ نوٽيفڪيشن ۾ اعلان ڪيو آهي ته سعودي عرب جي 25 يونيورسٽيز ۾ ڊپلوما، بيچلرز، ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني شاگردن کي 700 مڪمل فنڊڊ وظيفا فراهم ڪيا ويندا.
سفارتخاني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پهريان اسڪالرشپس جو انگ 600 هو جنهن کي هاڻي وڌائي 700 ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب جيڪي شاگرد پاڪستان ۾ آهن يا قانوني طور تي سعودي عرب ۾ رهن ٿا اهي اسڪالرشپس لاءِ آن لائين پورٽل https://studyinsaudi.moe.gov.sa ذريعي درخواست ڏئي سگھن ٿا.
رپورٽ موجب هتي اها ڳالهه ذڪر ڪرڻ جوڳي آهي ته 75سيڪڙو وظيفا پاڪستان وارن کي جڏهن ته 25 سيڪڙو وظيفا سعودي عرب ۾ ترسيل پاڪستاني شاگردن کي ڏنا ويندا.
امڪاني طور تي ان عمل ۽ اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جي طريقيڪار بابت ڄاڻايل ويب سائيٽ تي وڃي تفصيل معملو ڪري سگھجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.