ڊي آءِ خان: آئل گئس ڪمپني تي دهشتگردن جو حملو، ٻه پوليس اهلڪار شهيد

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي درازنده ۾ دهشتگردن جي آئل گئس ڪمپني جي ڪئمپ تي حملي ۾ ڊيوٽي تي مقرر ٻه پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
شهيد اهلڪارن ۾ رحمت الاهي ۽ محمد عارف شامل آهن، جڏهن ته اي ايس آءِ عالمشير، فضل الرحمان ۽ عطا الرحمان زخمي ٿيا آهن.
پوليس موجب حملو الحاج آئل اينڊ گئس پرائيويٽ ڊرلنگ ڪمپني تي ٿيو، زخمين کي اسپتال نيو ويو، جن مان هڪ اهلڪار جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پوليس ٻڌايو ته ڪمپني ڪئمپ تي پوليس جي نفري مقرر هئي، جنهن کي نشانو بڻايو ويو، موقعي تي وڌيڪ پوليس نفري پهچي وئي، جڏهن ته دهشتگردن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.