موقعو مليو ته سنڌ کي پئرس بڻائي ڇڏينداسين: بشير ميمڻ

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ چيو آهي ته جيڪڏهن اسان کي سنڌ ۾ موقعو مليو ته صوبي کي پئرس بڻائي ڇڏينداسين.
عوامي آواز سان ڳالهائيندي بشير ميمڻ چيو ته (ن) ليگ ۾ شموليت جو وڏو سبب ميرٽ آهي، مسلم ليگ (ن) هميشه تعليم ۽ ترقي ۾ ميرٽ کي اوليت ڏيندي آهي، ان جو وڏو ثبوت اها آهي ته پنجاب هن وقت تعليم ۽ ترقياتي ڪمن ۾ سنڌ کان اڳتي آهي.
هن چيو ته مان سنڌ جو درد رکندڙ ۽ سنڌ واسي هجڻ جي ناطي تعليم ۽ ترقي ۾ سنڌ کي پوئتي نٿو ڏسي سگهان، منهنجو خواب آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته سنڌ جي تعليم، نوڪريون ۽ ترقياتي ڪم ميرٽ تي ڪرائي سنڌ کي پيرس بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.