غيرقانوني افغانين جي معاملي تي نادرا ڇا ڪري رهيو آهي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڃاڻپ ڪارڊز جي غيرقانوني جاري ٿيڻ بابت جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي سرگرم ٿي وئي آهي.

نادرا 18 هزار کان وڌيڪ سڃاڻپ ڪارڊز نشاندهي بعد رد ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا طرفان احتساب کاتي ۽ انڪوائري جي نظام کي مضبوط ڪيو ويو آهي.

جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ڪرڻ ۾ ملوث نادرا ملازمن جي نشاندهي به جاري آهي.

ملوث ملازمن لاءِ برطرفي سميت ٻيون وڏيون سزائون ڏئي سگهجن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.