اڊيالا جيل ڀرسان شڪي ٿيلهي مان طاقتور ڌماڪيدار مواد برآمد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ڀرسان روڊ تي ٿيلهي مان ڌماڪيدار ڊوائس برآمد ٿي.
اڊيالا جيل ڀرسان برآمد ٿيل ٿيلهي مان ڌماڪيدار مواد هٿ آيو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڌماڪيدار مواد کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي ۽ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي.
اطلاعن موجب شڪي ٿيلهو اڊيالا جيل جي گيٽ نمبر 5 سامهون ويران علائقي مان برآمد ٿيو، شڪي ٿيلهي کي اڊيالا جيل ٻاهران کليل جاءِ تي رکيو ويو هو.
واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان هن وقت اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، ان سان گڏوگڏ اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ اڊيالا جيل ۾ قيد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.