ڪينيڊين شاعرا پاران فلسطينين جي حمايت، آمريڪي صدر جي تقريب ۾ شرڪت کان انڪار

ٽورنٽو (ويب ڊيسڪ) ڀارت ڄاول ڪينيڊين شاعرا ۽ فنڪارا روپي ڪور اسرائيل جي حمايت تي بائيڊن انتظاميا جي ڏياري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي روپي ڪور لکيو ته کيس حيرت آهي ته فلسطينين تي جاري ظلمن جي حمايت جي باوجود بائيڊن انتظاميا ڏياري ملهائي رهي آهي.
هن وڌيڪ لکيو ته هوءَ اهڙي دعوت کي رد ڪري ٿي جنهن ۾ عام ماڻهن کي بي رحمي سان ماريندڙن جي حمايت ڪئي وئي هجي.
ڪينيڊين شاعرا ڏکڻ ايشيا جي ٻين شخصيتن تي به زور ڏنو ته هو بائيڊن جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪن ۽ آمريڪي صدر کان غزا ۾ مرندڙن هزارين ماڻهن جو حساب گھريو وڃي.
سندس چوڻ هو ته بائيڊن انتظاميا طرفان جنگ بندي کان انڪار ڪرڻ سبب روز مظلوم فلسطيني شهيد ٿي رهيا آهن ۽ ان تي اسان کي خاموش نه رهڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.