”ڪير خوش فهمي ۾ نه رهي ته اهو لِڪي ويندو، سڀ واپس ويندا“

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو عمل وڌيڪ تيز ٿيندو.
پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته دستاويز نه هجڻ تي 200 کان وڌيڪ پرڏيهين کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته چمن بارڊر تان 66 هزار کان وڌيڪ پرڏيهين کي واپس موڪليو ويو آهي.
هن چيو ته سڀني پرڏيهين کي عزت ۽ احترام سان واپس موڪليو پيو وڃي، غير قانوني طور رهندڙن کي هر صورت ۾ واپس وڃڻو پوندو.
نگران وزير واضح ڪيو ته روانگي ۾ رنڊڪ وجهندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، بلوچستان مان وڌيڪ هڪ کان ڏيڍ لک پرڏيهي واپس ويندا، ڪير خوش فهمي ۾ نه رهي ته اهو لِڪي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.