مرد ڪڏهن به شريف نٿو ٿي سگھي:محب مرزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار محب مرزا چيو آهي ته مرد ڪڏهن به شريف نٿو ٿي سگھي عورت شريف هوندي آهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ اداڪار محب مرزا چيو ته جينياتي طور تي مرد جو شريف هجڻ ممڪن ناهي. ڪنهن کي به ان دوکي ۾ نه رهڻ گھرجي ته مرد شريف هوندو آهي يا ٿي سگھي ٿو. عورت شريف هوندي آهي.
اداڪار چيو ته 40 سالن گڏ گذارڻ باوجود ماڻهو گڏ ناهن ٿيندا. گڏ رهي تڪليف ڏيندڙ زندگي گذارڻ کان بهتر آهي ته ڌار ٿيجي. زندگي ۾ ڪو به پرنس چارمنگ ناهي ايندو. زندگي کي حقيقت پسندي سان گذارڻ گھرجي.
سندس چوڻ هو ته طلاق ۽ ٻارن بابت وقت سڀ کان ڏکيو هو. تعلق ختم ٿيڻ هر ڪنهن لاءِ تڪليف ڏيندڙ مرحلو هوندو آهي.
اداڪار چيو ته صنم سعيد سان تعلق لاءِ پنهنجي پهرين زال کي دوکو نه ڏنو. شادي ختم ٿيڻ بعد صنم سعيد سان ويجهو واسطو ٿيو. شادي ۾ 5 ماڻهو شريڪ ٿيا هئا ۽ اسان جو نڪاح صنم جي گھر تي ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.