پاڪستان مان هيل تائين ڪيترا غير قانوني افغاني واپس ٿيا؟ تفصيل جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غير قانوني پرڏيهين کي واپس وڃڻ جي ڊيڊ لائن کانپوءِ افغان شهرين کي پاڪستان مان واپس پنهنجي ڏيهه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي عزت سان ۽ محفوظ طريقي سان واپسي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ روز جي بنيادن تي هزارن جي انگ ۾ غير رجسٽرڊ افغان شهرين کي طورخم ۽ چمن بارڊر ذريعي پنهنجي ملڪ موڪليو پيو وڃي.
6 نومبر تي 9 هزار 816 غير قانوني افغاني پنهنجي ملڪ ويا، جن ۾ 3 هزار 39 مرد، 2 هزار 425 عورتون ۽ 4 هزار 353 ٻار به شامل هئا.
انگن اکرن موجب هيل تائين ڪُل هڪ لک 98 هزار 554 غير قانوني طور رهندڙ افغاني واپس وڃي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.