برن (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن نئين تحقيق ۾ موبائيل فون وڌيڪ استعمال ڪندڙ مردن کي جنسي صحت جي حوالي سان وارننگ ڏني آهي.
سوئزرلينڊ جي سائنسدانن هڪ تحقيق ۾ 2 هزار 800 مردن تي تجربا ڪيا آهن. تحقيق ۾ انهن مردن جي موبائيل فون جي عادت ۽ انهن جي اسپرمز جي انگ جو تجزيو ڪيو ويو.
2005 کان 2008 دوران ڪيل هن تحقيق دوران سندن جنسي صحت جون ٽيسٽون ڪيون ويون.
نتيجن ۾ ٻڌايو ويو ته تحقيق ۾ شامل مردن ۾ اسپرمز جو انگ موبائيل فون جي استعمال سبب متاثر ٿي رهيو هو.
تحقيق ۾ شامل جيڪي مرد وڌيڪ موبائيل فون استعمال ڪندا رهيا انهن ۾ اسپرمز جو مقدار لاڳيتو گهٽجي رهيو هو.
رپورٽ موجب نتيجن ۾ ماهرن طرفان موبائيل فونز جي قسمن ۽ اسپرمز جي حرڪت ڪرڻ جي صلاحيت بابت وضاحت ناهي ڪئي وئي.
تحقيق ۾ رڳو اسپرمز جي انگ کي نظر ۾ رکيو ويو هو.