اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان طرفان غزا ۾ فلسطينين لاءِ 90 ٽن امدادي سامان جي ٻي کيپ رواني ڪئي وئي آهي.
پاڪستان طرفان مظلوم فلسطينين جي مدد جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان مان غزا ۾ فلسطينين لاءِ امدادي سامان جي ٻي کيپ رواني ڪئي وئي آهي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني امدادي سامان موڪلڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته اهو انساني همدردي جي بنياد تي موڪليو پيو وڃي، حڪومت 90 ٽن امدادي سامان موڪلي رهي آهي.
هن چيو اسلامي دنيا کان مطالبو آهي ته فلسطينين کي انهن جو حق ڏياريو وڃي، اسان اڳ به فلسطينين سان گڏ هئاسين ۽ اڳتي به رهنداسين.
Next Post
You might also like