ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيرن لاءِ بيضا سڄي دنيا ۾ مشهور غذا آهن ۽ جيڪڏهن ڳالهه غذائيت جي هجي ته بيضا مڪمل پيڪيج آهن، ڇو جو ان ۾ سمورا غذائي جُز هوندا آهن جن جي انساني جسم کي ضرورت هوندي آهي.
هڪ بيضي ۾ تقريبن 72 ڪيلوريز، 6 گرام پروٽين ۽ 5 گرام صحتمند سڻڀ ۽ اوميگا 3 فيٽي ايسڊز به هوندا آهن. بيضا پروٽين سان مالا مال هوندا آهن جيڪي سمورا ضروري امينو ايسڊ فراهم ڪندا آهن پٺن جي مرمت ۽ واڌ ويجهه لاءِ به ضروري آهن.
بيضن کي مختلف طريقن سان پچايو ويندو آهي ڪجهه ماڻهو ان کي بوائل ڪري، ڪجهه آمليٽ جڏهن ته ڪجهه هاف فراءِ ڪري کائڻ پسند ڪندا آهن.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته انهن مان ڪهڙي قسم جو پچايل بيِضو بهتر آهي؟ اچو ته ڄاڻون ٿا ته غزائيت جا ماهر ان حوالي سان ڇا ٿا چون.
اُٻريل بيضا:
اُٻريل بيضا يقينن غذائيت سان ڀرپور آپشن آهن، هڪ اُٻريل بيضي ۾ تقريبن 78 ڪيلوريز هونديون آهن، جيڪي پروٽين، سڻڀ ۽ ضروري وٽامنز ۽ معدنيات جو سٺو توازن فراهم ڪنديون آهن. بيضن کي اُٻارڻ سان انهن ۾ غذائي جُز محفوظ رهندا آهن.
بيضا وٽامن بي 12، ۽ رائبوفلاوين جو بهترين ذريعو به آهن، اهي جسم ۾ توانائي جي پيداوار کي هٿ ڏيندا آهن ۽ هڏن کي مضبوط بڻائيندا آهن.
وڌيڪ هو ته اُٻريل بيضن ۾ ڪولين هوندو آهي جيڪو دماغي صحت ۽ واڌ ويجهه لاءِ اهم غذائيت آهي.
آمليٽ:
جيڪڏهن غذائيت سان گڏ ذائقو به گھرجي ته ماڻهو آمليٽ جي چونڊ ڪندا آهن جنهن کي ڀاڄين، پنير ۽ ٻين شين سان گڏ پچايو ويندو آهي.
آمليٽ ۾ ڪيتري غذائيت هوندي آهي ان جو تعين ان ۾ شامل ڪيل جُزن مان لڳائي سگھجي ٿو، پر ان لاءِ ضروري آهي ته ان کي پچائڻ لاءِ گھٽ تيل يا مکڻ جو استعمال ڪيو وڃي.
ٻنهي جي غذائيت جي ڀيٽ:
خالص غذآئيت جي لحاظ سان اُٻريل بيضو گھڻو ڪري قدرتي خوبين کي برقرار رکندو آهي ڇو جو ان کي واڌو سڻڀ يا جُزن کانسواءِ پچايو ويندو آهي.
اٻارڻ جو عمل بيضي جي پروٽين ۽ غذائي جُزن کي محفوظ رکندو آهي، جيڪي ان کي گھٽ ۾ گھٽ اضافي شين ۽ گھٽ ڪيلوري جي مواد جي لحاظ سان صحتمند غذا بڻائيندو آهي.
ٻي پاسي آمليٽ، جيتوڻيڪ امڪاني طور تي پروٽين ۽ اضافي غزائي جزن سان ڀرپور هوندو آهي، پر کاڄرو تيل ۽ ٻيون وڌيڪ ڪيلوريز ڀرجڻ سبب اهو جسم ۾ سڻڀ پيدا ڪري سگھي ٿو.
تنهنڪري صحت ۽ غذائيت جي حساب سان اٻريل بيضو کائڻ وڌيڪ بهتر آهي.