آسٽريليا کي شڪست ڏيندڙ پاڪستان ٽيم زمبابوي کان هارائي وئي

بلاويو (ويب ڊيسڪ) زمبابوي 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 80 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
بلاويو ۾ زمبابوي طرفان مليل 206 رنسن جي هدف جي جواب پاڪستان جي بيٽنگ لائن مڪمل طور فلاپ ٿي وئي ۽ 21 اوورن ۾ 60 رنسن تي 6 آئوٽ ٿي ويا ته برسات شروع ٿي وئي.
برسات جو سلسلو ختم نه ٿيڻ سبب ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت زمبابوي کي 80 رنسن تان فاتح قرار ڏنو ويو.
پاڪستان طرفان صائم ايوب 11، عبدالله شفيق هڪ، ڪامران غلام 17، سلمان آغا 4، عرفان نيازي 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، حسيب الله خان کاتو ئي نه کوليو، جڏهن ته محمد رضوان 19 رنسن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي زمبابوي جي ٽيم 40.2 اوورن ۾ 205 رنسن تي آئوٽ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.