عرفي کي گرفتارڪندڙ عرفي جهڙيون ماڊلز هيون، ڍونگ ڪيو ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي بولڊ لباس سبب شهرت رکندڙ ڀارتي اداڪارا عرفي جاويد گذريل ڏينهن پنهنجي گرفتاري سبب خبرن جي زينت بڻيل هئي پر هاڻي سندس گرفتاري جي حقيقت سامهون اچي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ممبئي پوليس پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي ان وائرل وڊيو جي حقيقت تان پردو کڻي ڇڏيو آهي.
ممبئي پوليس انسٽاگرام تي عرفي جاويد جي گرفتاري جي وڊيو کي شيئر ڪيو ۽ ڪيپشن ۾ ان جي ترديد ڪندي لکيو ته ممبئي پوليس طرفان مبينا طور تي عرفي جاويد کي اڍنگي لباس سبب گرفتار ڪرڻ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو درست ناهي، اهو وردي جو غلط استعمال آهي.
ممبئي پوليس طرفان بيان سامهون اچڻ بعد عرفي جاويد به پنهنجي وائرل وڊيو تي وضاحت پيش ڪئي آهي.
هن انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪندي ٻڌايو ته اها ممبئي پوليس نه پر فيشن پوليس آهي جيڪا ممبئي پوليس جي وردي ۾ هئي.
عرفي موجب وائرل وڊيو ڪپڙن جي هڪ برانڊ لاءِ مشهوري مهم جو حصو هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.