ڪينگروز به گورن کي نه بخشيو، دفاعي چيمپيئن کي ڇهين شڪست

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 36هين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم انگلينڊ کي 33 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
احمد آباد ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي آسٽريلوي ٽيم 49.3 اوورن ۾ 286 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
آسٽريليا طرفان لبوشين 71، ڪيمرون گرين 47، سمٿ 44، اسٽوئنس 35 رنسن سان اڳڀرا رهيا، انگلينڊ جي ڪرس ووڪس 4، مارڪ ووڊ ۽ عادل رشيد 2-2، ڊيوڊ ولي ۽ ليونگسٽن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم 48.1 اوورن ۾ 253 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، بين اسٽوڪس 64، ڊيوڊ ملان 50، معين علي 42، ڪرس ووڪس 32 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو.
آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا 3، ڪمنز، هيزل ووڊ، اسٽارڪ 2-2 ۽ اسٽوئنس هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته اها ورلڊ ڪپ ۾ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ جي ڇهين شڪست آهي، انگلش ٽيم ٽائيٽل جي ڊوڙ کان اڳ ئي ٻاهر ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.