يهودين کي عرب ملڪن ڏانهن نه وڃڻ جي هدايت

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ وڌندر اسرائيل مخالف جذبن کي نظر ۾ رکندي اسرائيل پنهنجن شهرين کي عرب ملڪ جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
اسرائيلي پرڏيهي وزارت پنهنجن شهرين کي وارننگ ڏني آهي ته اهي ايران جي پاڙيسري ملڪن جو سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪن.
پرڏيهي وزارت جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيلي شهري يورپ ۽ آمريڪا ۾ فلسطين جي حمايت ۾ ريلين کان پري رهن.
حڪومتي وارننگ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي سفارتخانا، ايئرلائنز جي آفيسن ۽ ڪميونٽي سينٽرز ويجهو مظاهرن جو خدشو آهي تنهنڪري احتياط ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.