سکر ۾ سڀاڻي مڪاني چونڊن جو دنگل

سکر (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سکر ڊويزن جي 12 خالي ٿيل سيٽن تي ضمني چونڊ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

سکر ڊويزن جي 12 خالي ٿيل سيٽن مان 6 تي پولنگ ٿيندي، ڇو ته 6 سيٽن تي پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا.

ڪامياب اميدوارن ۾ پ پ جا 5 ۽ هڪ آزاد اميدوار شامل آهي، ٽائون ڪاميٽي نثار صديقي جي يو سي بادل فقير جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شپ لاءِ پولنگٿيندي.

چيئرمين شپ لاءِ ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل پنهنجي ڊپٽي ميئر جي سيٽ برقرار رکڻ لاءِ چيئرمين شپ جو اميدوار آهي.

گهوٽڪي ضلعي جي يوسي 1 جي جنرل وارڊ هڪ ۾ ڪائونسلر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿيندي، خيرپور ضلعي جي يو سي گمبٽ جي جنرل وارڊ 6 جي ميمبرن جي پولنگ ٿيندي، يو سي 7 مان رئيس حسين بخش دستي تان ضلعي ڪائونسل ميمبر جي چونڊ ٿيندي، خيرپور ايم سي جي وارڊ نمبر 9 تي جنرل ميمبر لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويندا.

ان کان علاوه خيرپور ضلعي جي ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ جي وارڊ 2 تي جنرل ميمبر جي چونڊ ٿيندي، سکر ضلعي ۾ 4 پولنگ اسٽيشنون، گهوٽڪي ۾ 3 پولنگ اسٽيشنون ۽ خيرپور ضلعي ۾ 12 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.