يو اي اِي ۾ غير شادي شدهه جوڙن کي هٿرادو طريقي سان ٻار ڄڻڻ جي اجازت

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) ملڪ ۾ رهندڙ غير مسلم جوڙن ۽ غير شادي شدهه ماڻهن کي به ان وائٽرو فرٽيلٽي (آءِ وي ايف) ذريعي ٻار ڄڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
يو اي اِي جي حڪومت ملڪ ۾ ”سروگيسي“ ڪرائي ڪُک جي عمل کي به قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، هاڻي ڪا به عورت ڪنهن ٻي عورت جي ٻارن کي ڪرائي جي ڪُک ذريعي جنم ڏئي سگھندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب يو اي اِي حڪومت ڊگھي عرصي بعد زرخيزي جا قانون تبديل ڪندي ان ۾ ڪيتريون ئي نرميون متعارف ڪرائي ڇڏيو جڏهن ته ٻار جي پيدائش تي ٽئين فرد جي مداخلت
يعني ڪرائي جي ڪُک جي عمل کي ڏوهه مان خارج ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ وي ايف ذريعي مرد جي اسپرم ۽ عورت جا بيضا ٻاهر ڪڍي انهن کي زرخيزي ڪري حملي کي يقيني بڻايو ويندو آهي، ان عمل ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماهر ڪنهن ٽئين شخص جا اسپرم به شامل ڪندا آهن، پر ائين گھڻو گھٽ ڪيسن ۾ ٿيندو آهي.
اهڙيءَ طرح يو اي اِي جي حڪومت غير شادي شدهه عورتن کي جواني ۾ پنهنجا زرخيز بيضا محفوظ ڪرائڻ سميت مردن کي به پنهنجا اسپرم محفوظ ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ماهرن طرفان قانونن ۾ تبديلي تي خوشي جو اظهار ڪندي ان کي يو اي اِي لاءِ نئين دور جي شروعات قرار ڏنو پيو وڃي.
يو اي اِي هن وقت خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ غير ملڪين ۽ غير مسلم ماڻهن جو رهائش جو ٿاڪ بڻيل آهي، اتي اولهه ملڪن جا ماڻهو به آباد ٿيڻ لڳا آهن.
نون قانونن تحت هاڻي اتي رهندڙ غير مسلم جوڙا آءِ وي ايف طريقي تحت ٻارن جي پيدائش کي يقيني بڻائي سگھندا جڏهن ته غير شادي شدهه جوڙا به ائين ڪري سگھندا.
اهڙيءَ طرح ڪا به عورت پنهنجا بيضا ڪنهن ٽين عورت جي ڪُک ۾ داخل ڪرائي پنهنجي ٻار کي پيدا ڪرائي سگھندي، هيل تائين سروگيسي جو عمل سڀ کان وڌيڪ ڀارت ٿيندو پيو اچي، جتي غربت سبب عورتون ٻين عورتن جا ٻار ڄڻينديون پيون اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.