ڊگھا ۽ چمڪندڙ وار عورتن جي خواهش هوندي آهي جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ اهي مختلف قسمن جا گھريلو ٽوٽڪا ۽ مهانگيون شيون استعمال ڪرڻ کان پاسو ناهن ڪنديون.
وارن جي قدرتي طريقين سان سار سنڀال گھڻي اهميت رکي ٿي ۽ گھڻن ٻوٽن تي ٻڌل تيل وارن جي ڪنڊيشنگ لاءِ اثرائتا ثابت ٿيا آهن.
انگور جي ٻج جي معياري عرق کي دل جي بيماري، شگر ۽ ڪينسر بابت صحت جي مسئلن جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
اهو ئي نه پر انگور جو تيل جو عرق قدرتي طور تي وارن جي واڌ ويجهه جي رفتار کي وڌائي سگھني ٿو تنهنڪري، جيڪڏهن اوهان وارن جي فوليڪلز کي مضبوط بڻائڻ چاهيو ٿا ۽ وار ڊگھا ڪرڻ چاهيو ٿا ته انگور جو تيل گھڻو فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو.
اهو اوهان جيوارن جي سار سنڀال جي نظام لاءِ گيم چينجر اهي. انگور جي تيل ۾ موجود خوشبوءِ ان کي وارن تي لڳائڻ لاءِ مثالي بنائيندي آهي.
انگور جو تيل وار وڌائڻ لاءِ انتهائي اثرائتو ثابت ٿيندو آهي. وارن تي انگور جي تيل جي استعمال جا ڪجهه فائدا هيٺ بيان ڪجن ٿا.
وارن جو ڇڻڻ گھٽجي ويندو آهي
انگور جي تيل ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ خاصيتون هونديون آهن جيڪي وارن جي ڇڻڻ کي گھٽائڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. ان کي پنهنجي وارن تي لڳائي اوهان وارن کي ڇڻڻ کان روڪي سگھو ٿا ۽ گھاٽا وار حاصل ڪري سگھو ٿا.
وارن کي سنهڙو ٿيڻ کان روڪيندو آهي
انگور جو تيل وارن کي سنهڙو ٿيڻ کان روڪي انهن کي ٽٽڻ کان بچائيندو ۽ مضبوط بڻائيندو آهي ته جيئن اهي صحتمند نظر اچن.
وارن جي واڌ ويجهه ڪندو آهي
انگور جو تيل وٽامن اي سان ڀرپور هوندو آهي وٽامن اي ۽ ان جي سپليمينٽس ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ خاصيتون هونديون آهن جيڪي وارن جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ لاءِ وارن جي فوليڪلز کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون آهن.
وارن کي گھم فراهم ڪندو آهي
انگور جي تيل ۾ وٽامن اي جي اينٽي آڪسيڊنٽ سرگرمي اوهان جي مٿي ۾ رت جي وهڪري کي وڌائيندي آهي ۽ وارن کي قدرتي طور تي گھم فراهم ٿيندي آهي وارن کي مضبوط ۽چمڪندڙ رکڻ لاءِ پنهنجي مٿي کي سدائين موئسچرائز رکو.
خشڪي کان ڇوٽڪارو
انگور جو تيل ذڪر جوڳيون اينٽي مائڪروبيل خاصيتون رکي ٿو جراثيم ڪش ايجنٽ هجڻ سبب خشڪي ۽ مٿي جي ٻين انفيڪشنز جهڙو سيبورهيڪ ڊرماٽائٽس، فوليڪولائيٽس وغيرا کي ان جي ڪري روڪي سگھجي ٿو.
وارن جي ٻيهر واڌ ويجهه ۾ مدد
انگور جو تيل لينولينڪ ايسڊ سان ڀرپور آهي جيڪو وارن جي فوليڪلز کي غذائي جز فراهم ڪرڻ لاءِ اهم آهي. اهو ٽشو ۽ رت جي شريانين ٺهڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ اثرائتي طريقي سان نون وارن جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪندو آهي.