اسرائيل پاران غزا تي ٻن ايٽم بمن جيترو بارود ڪيرائڻ جو انڪشاف

غزا (ويب ڊيسڪ) جنگي ڏوهي اسرائيل غزا کي بارود ۾ وهنجاري ڇڏيو، 29 ڏينهن 25 هزار ٽن کان وڌيڪ بارود ڪيرايو ويو، جيڪو ٻن ايٽم بمن جي برابر آهي.
سرائيل غزا ۾ بربريت جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، يورو ميڊ هيومن رائيٽس اسرائيلي جارحيت تي رپورٽ جاري ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 7 آڪٽوبر کان هيل تائين غزا پٽي تي اسرائيل 25 هزار ٽن کان وڌيڪ بارود ڪيرائي ڇڪو آهي، جيڪو ٻن ايٽم بمن جي برابر آهي. جنهن سان وڏي پيماني تي تباهي ٿي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حملن ۾ چار هزار کان وڌيڪ ٻار ۽ ٻه هزار کان وڌيڪ عورتون شهيد ٿي چڪيون آهن، اسرائيل غزا ۾ هر ڪلاڪ ۾ 42 بم ڪيرائي رهيو آهي، جنهن سان 12 عمارتون تباهه، 15 شهيد ۽ 35 فلسطيني زخمي ٿي رهيا آهن.
بمباري ۾ گڏيل طور تي 10 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته زخمين ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي، جن جون حياتيون لاڳيتون خطري ۾ آهن.
ان کان اڳ غزا تي ڪيرايل بمن جي ڌماڪيدار قوت جاپان جي شهر هيروشيما تي ڪيرايل ايٽم بم کان وڌيڪ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، غزا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته غزا تي بمن جي هيروشيما کان وڏي قيامت برپا ڪئي وئي آهي، ٻين عالمي جنگ دوران هيروشيما جي تباهي کان به وڌيڪ غزا ۾ تباهي مچائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.