ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نارٿ ڪراچي ۾ سليم سينٽر ڀرسان پنڪ بس ۽ رڪشي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي ۾ سليم سينٽر ڀرسان پنڪ بس رڪشي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشي ۾ سوار هڪ شخص فوت ٿي ويو ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
فوتي جي سڃاڻپ دانش جي نالي سان ٿي، جڏهن ته حادثي کانپوءِ پوليس پنڪ بس ۽ رڪشي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس نيو ڪراچي ٿاڻي ۾ زخمي رڪشي ڊرائيور زاهد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like