بينگلور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ خلاف اهم ميچ دوران اوپننگ بيٽر فخر زمان اڳوڻي آل رائونڊر شاهد آفريدي جو هڪ اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪن جو قومي رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
فخر زمان اڄ نيوزيلينڊ خلاف 81 بالن تي 126 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 11 ڇڪا ۽ 8 چوڪا شامل هئا.
شاهد آفريدي سريلنڪا خلاف 1996 ۾ پنهنجي اننگز ۾ 11 ڇڪا هنيا هئا.
ان کانسواءِ فخر زمان 63 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، جيڪا ورلڊ ڪپ ۾ ڪنهن به پاڪستاني طرفان تيز ترين سينچري آهي.
ان کان اڳ سليم ملڪ 1987 جي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف 94 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.
You might also like