طلاق کي سٺو بڻائي پيش ڪندڙ مختلف لاڳاپن ۾ هوندا آهن:فيصل قريشي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري اداڪار فيصل قريشي چيو آهي ته فيمينزم جو مشهور نعرو ”منهنجو جسم منهنجي مرضي“ ماڻهن ۾ مذاق بڻجي چڪو آهي.

هڪ تازي انٽرويو ۾ اداڪارا شادي ۽ زال مڙس جي لاڳاپن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته دين ۾ مرد کي زال تي حڪم هلائڻ کان اڳ ڪيترائي فرض پورا ڪرڻا پوندا آهن.

هن ٻڌايو ته پاڻ سڳورن صه جي سنت ۾ شادي شدهه زندگي گذارڻ لاءِ بهترين رهنمائي موجود آهي جنهن تي اسان جي نظر ناهي ويندي.

اداڪار جو چوڻ هو ته ماڻهن کي مذهب بابت اهڙو رويو اختيار نه ڪرڻ گھرجي جيڪو کين پسند هجي کڻي ورتو ۽ جيڪو پسند ناهي ان کي ڇڏي ڏنو.

عوام ۾ پکڙيل منافقت تي ڳالهائيندي اداڪار جو چوڻ هو ته ماڻهو طلاق يافتا عورت کي ڪارو ٽِڪو سمجهندا آهن جڏهن ته طلاق کي سٺو بڻائي پيش ڪندڙ ڪيترن ئي لاڳاپن ۾ هوندا آهن.

هن چيو ته حلال کي غلط جڏهن ته حرام کي فيشن لاءِ بهترين بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي ۽ اها منافقت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.