ميانداد کي چماٽ هڻڻ جي الزام تي راشد لطيف جو صحافي کي هڪ ارب رپيا ڏنڊ جو نوٽيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ تجزئي نگار پي ڪي مير کي هڪ ارب رپيا ڏنڊ جو ليگل نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ راشد لطيف لکيو ته مان نه ڪڏهن جاويد مياندان کي چماٽ هنئي، نه ان جي سامهون آواز اٿاريو، جاويد مياندان نه رڳو ليجنڊ ڪرڪيٽر آهي پر پاڪستان جو فخر به آهي.
اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر چيو ته مان ان جي ڪپتاني ۾ ڊيبيو ڪيو ۽ ان کان گهڻو ڪجهه سکيو، مان جاويد ميانداد جي پنهنجي پيءَ جيان عزت ڪندو آهيان.
راشد لطيف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ليگل نوٽيس جو ذڪر ڪندي لکيو ته پي جي مير کي هڪ ارب رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو نوٽيس موڪليو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي جي مير پنهنجي بيان تي 14 ڏينهن ۾ معافي گهري، معافي نه گهرڻ جي صورت ۾ سندس خلاف قانوني ڪارروائي جو حق رکان ٿو.
ميڊيا رپورٽن موجب پي جي مير الزام هنيو هو ته 1993 ۾ راشد لطيف ڊريسنگ روم ۾ جاويد مياندانن کي چماٽ هنئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.