پاڪستانين جون دعائون، ڪيوي ٽيم وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار

بينگلور (ويب ڊيسڪ) پاڪستانين جون دعائون ڪم ڪرڻ لڳيون ۽ ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريقا هٿان شڪست کانپوءِ ڪيوي ٽيم وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي آهي.
نيوزيلينڊ ٽيم جا ڪيترائي رانديگر انجريءَ جو شڪار آهن ۽ ان فهرست ۾ هاڻ ميٽ هينري به شامل ٿي ويو آهي.
ميٽ هينري ڏکڻ آفريقا خلاف ميچ ۾ هيمسٽرنگ انجريءَ جو شڪار ٿيو هو ۽ هن ڏکڻ آفريقا خلاف رڳو 5.3 اوور ڪرايا هئا.
ميٽ هينري جو اوور جمي نيشم مڪمل ڪيو هو پر جمي نيشم به ٻانهن ۾ بال لڳڻ سبب انجريءَ جو شڪار ٿي ويو هو ۽ اٺين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ آيو هو.
ڪيوي رانديگر لوڪي فرگيوسن، مارڪ چيمپين ۽ ڪين وليمسن اڳ ئي انجري جو شڪار آهن.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڇنڇر تي بينگلور ۾ ميچ کيڏي ويندي ۽ ڪيوي ٽيم مئنيجمينٽ کي اميد آهي ته رانديگر جلد فٽ ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.