ڀارت سريلنڪا کي 302 رنسن جي وڏي مارجن تان هارائي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 33هين ميچ ۾ ڀارت سريلنڪا کي 302 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو.
ممبئي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏيندي ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 357 رنسون ٺاهيون، شبمن گل 92، ويرات ڪوهلي 88 ۽ شرياس ائير 82 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
سريلنڪا طرفان دلشان مدوشانڪا 5 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ سريلنڪن بيٽرن ڀارتي بالرن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ سڄي ٽيم 55 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سريلنڪا طرفان راجٿا 14، ميٿيوز ۽ ٿيڪشانا 12-12 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
ڀارت طرفان محمد شامي 5، محمد سراج 3، بمرا ۽ جديجا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ڀارتي ٽيم 302 رنسن جي وڏي مارجن تان ڪاميابي ماڻي سيمي فائنل ۾ پهچندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.