سڪون ڳولي ڏيو، عورت، سڪون يقيني بڻائينداسين، ٿاڻي اچو: پوليس

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي هڪ عورت ممبئي پوليس کي ٽيگ ڪندي سڪون ڳولي ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

عورت پوسٽ ۾ لکيو ته پوليس اسٽيشن وڃي رهي آهيان، منهنجو سڪون گم ٿي ويو آهي.

پوليس به عورت کي دلچسپ جواب ڏئي ڇڏيو.

پوليس پاران جواب کي ري ٽويٽ ڪندي لکيو ويو ته اسان مان گهڻا ماڻهو سڪون ڳولي رهيا آهن. مس آريا، اسان ٿورائتا آهيون جو اوهان اسان تي اعتبار ڪيو، اسان کي يقين آهي ته اوهان جي روح کي سڪون ملندو، ڪنهن به مسئلي لاءِ اسان اوهان ٿاڻي اچي سگهو ٿيون.

پوليس کيس ٽيگ ڪندي لکيو ته ممبئي پوليس سڪون يقيني بڻائي رهي آهي.

ان ڏس ۾ ڀارتي شهرين پوليس جي ناقص ڪارڪردگي تي کين تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پوليس اڄ تائين ڪجهه ڳولي ڏنو آهي؟

ممبئي پوليس اردو ۾ همراهه کي جواب ڏنو ته پنهنجي آءِ ڊي تان اچي جواب ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.