شاهد آفريدي کي اهم ذميواري ملڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي آهي.

ذريعن موجب ملاقات دوران اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي راند جي بهتري لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.

ان موقعي تي نگران وزيراعظم شاهد آفريدي کي ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو جنهن تي شاهد آفريدي بورڊ ۾ ذميواريون سنڀالڻ جي حوالي سان سوچي جواب ڏيڻ جو چيو آهي.

ياد رهي ته ذڪا اشرف جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ پي سي بي مئنيجمينٽ ڪاميٽي جو مدو 4 نومبر تي ختم ٿي رهيو آهي.

بورڊ جي ڪمان ۾ تبديلي جون ڳالهيون اڳواٽ هلي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.