صدر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علو ي۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا وچ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024 ۾ ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب صدر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
واضح رهي ته ملڪ ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڄ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته 11 فيبروري 2024 ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.
عدالت اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ته صدر سان اڄ ئي مشاورت ڪري سڀاڻي چونڊن جي تاريخ بابت آگاهه ڪيو.
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي صدر عارف علوي سان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر به موجود هئا.
ذريعن موجب ملاقات هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، جنهن ۾ عام چونڊن لاءِ صدر سامهون 3 تاريخون رکيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.