دفاع جي حق جي قيمت فلسطينين جو قتل عام نه هجڻ گھرجي:ڪينيڊين وزيراعظم

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته اسرائلي جي دفاع جي حق کي تسليم ڪريون ٿا پر ان حق جي قيمت فلسطينين جو قتل عام نه هجڻ گھرجي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو انساني همدردي جي بنياد تي غزا ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عام شهرين ۽ خاص طور تي ٻارن تي جنگ جي تباهه ڪندڙ اثرن تي گھري ڳڻتي آهي.
جسٽن ٽروڊو حماس تي به زور ڏنو ته هو اسرائيلي يرغمالين کي فوري ۽ غير مشروط طور تي آزاد ڪري. جنگ بندي جو رستو کولڻ لاءِ ڌرين طرفان هاڪاري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، اسان به ان کي تسليم ڪريون ٿا پر ان جي قيمت فلسطينين جو قتل عام نٿو ٿي سگھي.
جسٽن ٽروڊو اهو به چيو ته جنگ سٽيل علائقي مان ڪينيڊين شهرين ۽ سڀني پرڏيهي شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ لاءِ ٻين ملڪن ۽ ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.